اسلام آباد ??? 09 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽ??نل پبلس??ي ونگ جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي. هن چيو ته پاڪستان واپاري ش??بي ۾ آساني رکندڙ دنيا جي 10 بهترين ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بهتري کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا ۾ ان پيغام کي اج??گر ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي. مملڪتي وزير اڪسٽ??نل پبلس??ي ونگ جي آفيسرن کي چيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ غير ملڪي ميڊيا سان ويجهو رابطا هموار ڪن. حڪومت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهميت کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ان لاءِ پرڏيهي ملڪ پريس آفيسرن مان اميد آهي ته هو ملڪ جي اعليٰ ترين مفاد کي نظر ۾ رکندي عالمي اهميت جي مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف کي واضح طور تي اج??گر ڪندا.
ملڪي تشخص کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ