اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين آر او ??و سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن سان ڪهڙيون سياس?? ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيال?? جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياس?? ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي??ي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب