اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي مسلمان دنيا جي ان اهم فورم تي هاڻي هيٺين سطح جا عملدار پاڪستان جي نمائندگي ڪندا ته جيئن جيڪڏهن اجلاس دوران ڀ??رت کي مبصر جو درجو ڏيڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان جي ڀرپور مخالفت ڪري سگهجي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏي??هن مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف ۽ خواجه آصف به او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ڀ??رت کي گهرائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ??يو هو ۽ انهن جو مطالبو هو ته پاڪستان کي پنهنجي پوزيشن وٺڻ گهرجي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania