اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن ق??م کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان ??لد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان ??ديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاق?? وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاق?? وزير شفقت محمود ا??لاس کي تعليم وار?? وزارت پاران ??عليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي حوالي سان ق??من، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج