اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت س??ن انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي رو??ني ۾ 90 ل?? سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضر??رت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وز??رت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي رو??ني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو.
چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ