اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف ??ي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف ??ي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ايف ??ي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر کي اپ??ل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف ??ي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف ??ي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ ج??ري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذم??وارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ج??ري ڪئي هئي. ايف ??ي آر صدر جي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذم??وارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف ??ي آر جون اپ??لون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
صدر 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ ايف بي آر جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری