اسلام آبا?? – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪا??ڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بني??دي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بني??دي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪا??ڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري علاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بني??دي ضروري شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ عوام پن??نجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ ا??پتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پن??نجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بني??دي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.