اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري ??فاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري ??فاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، سامونڊي معاملن واري ??فاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري ??فاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالر??اق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته اسان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي اهڙن روانگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري ??زارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ۾ پائيدار اضافي جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??يراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالر??اق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.
روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ