اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب عبدا??طي?? الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ اچڻ تي بحرين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حوالي سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث