اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ??رڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، ان وچ?? کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ??نداسين. پاڪستان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي. پاڪستان جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني تي سجايل آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ??رڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پاڪستا?? کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدار?? کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آهي. اهي قوم جا هيروز آهن، اسان جي هٿياربند فوج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اهي تاريخ جو سنهري باب آهن پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميش?? کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ دفاع لاءِ ناقابل فراموش ??ردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير سا?? کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي سڄي عمر پاڪستان جي دفاع تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنهنجي انهن سڀني محسن?? کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنهنجي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي پاڪستا?? کي معاشي قوت بڻائڻو آهي، اسا?? کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي جي عهد جو ڏينهن آهي ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ??يٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريب?? کي قوم جي اتحاد ۽ پاڪستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحا??ي جي عزم سان ملهايو ويندو.
پاڪستان جي جوهري پروگرام جو معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي، کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا،نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ کي رد ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ