نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آج??اڻ?? جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران اهو آج??اڻ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آ??ن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان ن??صانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان آگاهه ڪيو آهي.
وزيراعظم جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ