گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) تي زور ڏنو آهي ته اها گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائندو يا فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي لاءِ رجوع ڪر?? ڇو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور تي يورپ ۾ اسلامو فوبيا ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهن??ي ٻطرفن لاڳاپن جي فريم ورڪ جي اندر مسل??ان?? کي درپيش چئلينجن کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي يورپ ۾ مسل??ان?? جي خراب حالت بابت رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسلامو فوبيا يورپ ۾ سياسي شعبن ۾ شدت سان گونجي رهيو آهي جيڪو آخرڪار قانونسازي ۽ پاليسين جهڙن امتيازن امتيازي سفري پابندين ۽ ويزا پابندين جي ذريعي اسلامو فوبيا کي اداراجاتي بڻائي ٿو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ملڪن پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل تاريخي قرارداد کي منظور ڪيو هو جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. ان قرارداد سان پيدا ٿيندڙ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ اهڙي طرح جي اسلامو فوبيا جي هڪ بدترين شڪل هندوتوا کان متاثر ڀارت ۾ آهي. هن چيو ته مسل??ان?? جي خلاف نفرت جي نظريي تي عمل پيرا ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي – آر ايس ايس جي حڪومت پنهنجي صديون پراڻي منصوبي تي عمل پيرا آهي، ان جو مقصد ڀارت جي اسلامي ميراث کي ختم ڪرڻ ۽ ڀارت کي هڪ خصوص?? هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ مسل??ان?? جي خلاف نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسلامو فوبيا جو صنفي رخ به نمايان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مسلمان ڇوڪرين ۽ عورتن کي انهن جي لباس جي انداز ۽ عام تصور جي ڪر?? نشانو بڻايو وڃي ٿو ته مسلمان عورتون مظلوم آهن ۽ انهن جي لاءِ انهن کي ”آزاد“ هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي کي يورپ ۽ دنيا ??ي ٻين حصن ۾ امتيازي سلوڪ ۽ نفرت انگيز ڏوهن جي اهڙن واقعن جي نگراني جي لاءِ او آءِ سي جائزه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ ڪائونسل آف يورپ جي انساني حقن جي ڪمشنر کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي مسل??ان?? جي خلاف مذهبي نفرت، دشمني ۽ تشدد جي ڪاررواين جي نگراني جي لاءِ مبصر مقرر ڪر?? جيڪو پاليسي ادارن کي باقاعدگي سان رپورٽ ڪر??. او آءِ سي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائنده يا فوڪل پرسن مقرر ڪر??. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهن??ي ٻطرفن لاڳاپن جي فريمورڪ جي اندر مسل??ان?? کي درپيش چئلينجز کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
اسلامي تعاون تنظيم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائندو يا فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي لاءِ رجوع ڪري: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ