اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته ??زيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طرف هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ??ڪ طرف اهو شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقت??ار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طرف اهو ڪر??ار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ??ڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مر??م اورنگزيب چيو ته ??ڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ??ئي طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مر?? وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقت??ار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي آور آهي. هن چيو ته ??ڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست ملڪن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ??ئي طرف سازشي بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقت??ار جي لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج