اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران ??ان کي ذهني مريض قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام عمران ??ان ??و چور چور جو ڪوڙو بيانيو ٻڌڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب حڪومت جي ??ريعي تعليمي ادارن کي سياسي اکاڙو بڻايو پيو وڃي، نوجوان ورڇ ۽ فساد جي ??ياست کان پري وڃي رهيا آهن، ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب حڪومت جي ??ريعي اسڪولن، درسگاهن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سياسي اکاڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ ڪنهن به طور تي صحيح نه آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي خبر آهي ته اها ورڇ، انتشار ۽ فساد تي ٻڌل ڪنهن سياست جو حصو نه بڻجندي، اهي ٻار ڄاڻين ٿا ته 2018ع ۾ ملڪ 6.1 جي ??رح سان ??رقي ڪري رهيو هو، مهانگائي 3 سيڪڙو هئي، ملڪ ۾ 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي چڪي هئي، سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا هئا، نوجوانن کي روزگار ملي رهيو هو، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ جي ??هولت ميسر هئي، موٽرويز ٺهي رهيون هيون، ملڪ ترقي جي ??ستي تي گامزن هو. هن چيو ته عمران ??ان ??ي چار سال جي ڪارڪردگي سڀني جي ??امهون آهي، عمران ??ان ??يڪي الزام هنيا اهي چوريون هن پاڻ ڪيون. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ٻارن کي گهٽيا سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، اهو رڳو گهڙين جو معاملو نه آهي، عمران ??ان ??ربين رپين جا تحفا ڊڪليئر نه ڪيا، گهڙي خريد ڪرڻ کان ??ڳ وڪرو ڪئي ۽ بعد ۾ پئسا جمع ڪرايا ويا. هن چيو ته چار سال ملڪ تي پروپئگنڊه گروهه مڙهيل هو، اختيار موجود هئا، ادارا ۽ رڪارڊ به موجود هو، هن جيڪي الزام هنيا، اهي هڪ به ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ٻين کان 40 سالن جو حساب وٺندڙن کي پنهنجو چئن سال جو حساب ڏيڻ گهرجي، عمران ??ان ??ي دور ۾ انرجي مافيا ۽ پيٽروليم مافيا ڌاڙا هنيا، عمران ??ان کي پنهنجي چورين جو حساب ڏيڻو پوندو.
عمران خان ذهني مريض آهي، عوام عمران خان جو چور چور جو ڪوڙو بيانيو ٻڌڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب حڪومت جي ذريعي تعليمي ادارن کي سياسي اکاڙو بڻايو پيو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ