اسلام آباد– 19 – جنوري (ا?? پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبر?? ۾ ??فير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊرس ريجن جي صدر جان جيمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن جي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي: پرڏيهي کاتي جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک