اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022ع جي عرصي کي ”معاشي بدحالي جو دور“ ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال کي ڪاميابين جو سال قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ جي ذريعي اڳوڻي حڪومت جي ساڍا 3 سال ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022ع جي عرصي ۾ کنڊ اسڪينڊل، اٽو 35 رپين مان 100 رپيا، مهانگي قيمت تي ايل اين جي خريداري، انرجي ٽرمينل جي بندش، بجلي جي منصوبن تي ترقياتي ڪم بند، سي پيڪ پراجيڪٽ بند، 6.10 جي ڊي پي کان منفي اعشاريه، 2 ڪروڙ ما??هن کي غربت جي هيٺئين لڪير تي ڌڪڻ ۽ 60 لک ما??هن کي بيروزگار ڪيو ويو اهو دور بدحالي جو دور ??و. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت جي 10 اپريل 2022ع کان شروع ٿيندڙ سفر کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي. ان دوران اورنج ٽرين، يوٽيلٽي اسٽور ??ئڪيج، روات فلائي اوور، پاور ??راجيڪٽس، عوام دوست بجيٽ، پي ايم فلڊ ريليف پروگرام، بي آءِ ايس پي جي بحالي، فاٽا ۾ ڪاميابي، آبادگار پئڪيج، وياج کان پاڪ نظام، سي پيڪ جي بحالي، عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 9 ارب ڊالر جي امداد، ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي، وزيراعظم مفت اٽو، بي آءِ ايس پي بجيٽ ۾ 40 ارب جو اضافو، ليپ ٽاپ اسڪيم جي نئين سر شروعات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، پرائيم منسٽر ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ جي شروعات، آبپاره فلائي اوور جي تعمير، توانائي جي 3 منصوبن سان 1800 ميگاواٽ اضافي پيداوار، تار ڪول ٿرڪول پاور ??لانٽ منصوبو، پرائيم منسٽر بااختيار انٽرن شپ پروگرام، ٽيلي اسڪول ڊيجيٽل تعليم پروگرام، نيشنل ايڪشن پلان جي بحالي ۽ عدالتي سڌارا ڪيا آهن.
مريم اورنگزيب پاران پي ٽي آءِ جو دور معاشي بدحالي جو دور ۽ موجوده حڪومت جو هڪ سال ڪاميابين جو سال قرار
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن