اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نور عالم چيو آهي ته پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي هئڻ گهرجي. پاڪستان لاءِ قرباني ڏيندڙ اسان لاءِ قابل احترام آهن. مڊل ايسٽ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن کي ??ي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو وڃي جيڪي وڏو ناڻو موڪلين ٿا، ??جيٽ ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ ڌيان ڏنو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي نور عالم چيو ته آبادگار جي مقابلي ۾ يوريا فيڪٽري جي مالڪن کي ??ڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون. ٻهراڙي ۾ رهندڙ غريب ڏهاڙيدار جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ سوچڻو پوندو، بجلي جو کاتو سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ آهي ۽ ان جي ملازمن کي بجلي مفت ملندي آهي، 761 ارب رپيا پينشن جي طور تي ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته اوورسيز کان وڌيڪ ناڻو سعودي عرب يا مڊل ايسٽ جي ٻين ملڪن مان اچي ٿو، يورپ، آمريڪا بعد ۾ اچن ٿا، ??يڪي ڏينهن جو به مزدوري ڪن ٿا ۽ قانوني طريقيڪار سان پئسا ملڪ موڪلين ٿا ان کي ??ي آءِ پي پروٽوڪول ڏيو. هن چيو ته ڊيم فنڊ ??و اڪائونٽ کولڻ بابت مان رجسٽرار سپريم ڪورٽ کان جواب گُهريو. مون مهانگائي خلاف ڳالهايو ته اڳوڻي وزيراعظم نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي ??نهنجي خلاف لڳائي ڇڏيو. 9 مئي جا واقعا کُليل بغاوت هئي پر ائين ڪرڻ وارن کي ڪجهه به نٿو چيو وڃي. آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر اسان کي خط لکي گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪن ٿا، ??هي ڪير آهن جيڪي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ امن سان رهي رهيا آهيون ته پاڪستان جي عوام ۽ فوج جي قربانين بدولت آهي، جن پنهنجي هزارين جوانن جي قرباني ??ني. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ پارٽي اڳواڻ کي ??ڏا اختيار ڏنا ويا آهن جيڪو درست ناهي. هن چيو ته ٽيڪس ڇوٽ وڏن ۽ بااثر ماڻهن کي ڏني وئي آهي. پي اي سي 10 کرب رپين جي ريڪوري ڪئي آهي جيڪا ايف آءِ اي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان وڌيڪ آهي. بلين ٽرين سونامي ۾ ڪرپشن ٿي آهي. هن چيو ته ڀاشن ڏيندڙ ليڊرن کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو اچن، مدينه منوره هلون ٿا ته اتي قسم کڻون ٿا ته 190 ملين پائونڊ ڪيئن ڏنا ان باري ۾ ٻُڌايو. مدينه جي رياست بنائڻ وارا اسان تي الزام تراشي ڪندا رهيا، ??پريم ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي ها. هن چيو ته هڪ وزيراعظم کي اقامو رکڻ تي ۽ ٻئي کي خط نه لکڻ تي نااهل ڪيو ويو. 63 اي کي ان وقت ختم ڪرڻ گهرجي ها. اسان پوري ملڪ جي خوشحالي چاهيون ٿا. پشاور کي ??ظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان جي علائقي ۾ بجلي ناهي ۽ اربين رپين جي بجلي ملازمن کي ??لي ٿي. قومي جهنڊي کي ساڙڻ وارن جي ميمبرشپ ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن قومي جهنڊي جي تعظيم ٿئي. شهيدن جي ٻارن کي ??ينشن ۽ ٻيون مراعتون ملڻ گهرجن.
پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي هئڻ گهرجي: نور عالم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی