اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حم??ه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حم??ه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حم??ه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان ج?? والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حم??ه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حم??ه خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پ??ڪس??ان اسڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم حم??ه خان ج?? والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه ??ه ڪئي. حم??ه خان وزيراعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حم??ه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پ??ڪس??ان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پ??ڪس??ان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پ??ڪس??ان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پ??ڪس??ان ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.
عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری