اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جل??ل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ من??قد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽرانس همال??ه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس همال??ه فورم جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن ??ي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن ت?? عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فورم جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جل??ل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي چين جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر