جده -12 جولاءِ (اي پي پي) سعودي ع??ب کي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگن??ئي??يشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي ع??ب جي ڪوششن سال 24-2023ع لاءِ انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگن??ئي??يشن (ايڪاو) جي ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023ع لاءِ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽ?? ۾ ??عودي ع??ب جي نمائندي طور ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هين سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان سعودي ع??ب پاليسين، اسٽريٽجڪ ۽ منصوبابندي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگن??ئي??يشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آهي. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مرتب ڪرڻ آهي. تنظيم ۾ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽريٽجڪ سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي ??نه??جون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي ايشن سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه بندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي معيار ۽ سلامتي جي سفارشن تي مشاورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي لاءِ اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آهي. واضح رهي ته سعودي ع??ب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آهي، ان 1980ع ۾ ??نه??جو مستقل وفد قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آهي.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار