گڏيل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني ??باهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ??المي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان ??ابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جو سربراهه ڪنهن به معاملي تي سلامتي ڪائونسل جو ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ??ن جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع ??ي صبح نيويارڪ ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافين کي ڏنل هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي ترجمان ??سٽ??فن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن گڏيل قومن جي سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غ??ه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني ??انين جي نقصان ??ي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني ??لائقي ۾ خوفناڪ انساني ??باهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آهي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غ??ه ۾ شهرين کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني ??هيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena