اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چي?? آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي جيڪا آخري دهشتگرد جي ??ات??ي تائين جاري رهندي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر ظفر اقبال جهڳڙا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر چي?? ته حڪومت جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي معيار زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن جي فراهمي سان گڏوگڏ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته علائقن جي برابر آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. صدر عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر واپسي ۽ بحالي جي لاءِ حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته نقصان ۾ ويندڙ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي ۽ خطي ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي مر??عتون ڏنيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2