پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو?? انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل ??نڪيوبيشن سينٽر قائم ڪ??ڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل ??نڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پبلڪ ??را??يويٽ حصيداري ۾ قائم اداري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ ??را??يڪٽ آهي. هن چيو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊا??ر جي سيڙپڪاري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا جاري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪ??ڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي?? ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس