اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايل??سي صدارتي محل اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ?? ٻڌايو ته فرانس??سي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ?? هن لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايل??سي صدارتي محل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪ??نفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مطابق فرانس??سي صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ڪيو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ گڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ