ابوجا _ 18 آڪٽوبر (اي پي پي ) نائجيريا ۾ دستن جي بيماري سبب فوتين جو انگ 378 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ??طا??ق ان وبا سبب فوتين ۾ هلندڙ مهيني دوران 19 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون . نائجيريا ۾ گذريل جنوري کان شروع ٿيل ان وبا سبب متا??ر ماڻهن جو انگ 14 هزار کان وڌي ويو آهي. نائجيريا سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن (اين سي ڊي سي) جي سربراهه جيڊ ادريس گادي واري شهر ابوجا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر تائين ملڪ جي 36 مان 35 رياستن ۾ دستن جي وبا جا 14،237 ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن ۾ فوتين جي شرح 2.7 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ دستن جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ جو سبب ٻوڏ جو نقصان ، صاف پاڻي جي عدم فراهمي خاص طورتي ذڪر جو??ا آهن.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔