تل ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ح??الي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي ڪابينه ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائش تي ڪيل ڊر??ن ح??لن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حملو ڪري سگهجي ٿو. اسرائيل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ا??ران تي ڪيل اسرا??يل?? حملي ۾ اسرا??يل?? وزيراعظم جي رهائش تي ڊر??ن ح??لي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊر??ن ح??لي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي هڪ ٻيو حملي جو امڪان آهي. ان کان اڳ اسرا??يل?? هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف ت?? فضائي حملا ڪيا هئا جن ۾ ميزائل سازي جي سهولتن ۽ فضائي دفاعي بيٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. واضح رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله گذريل هفتي اسرائيل جي سامونڊي ڪناري واري شهر قيصريه ۾ اسرائيل جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائيل ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرا??يل?? وزيراعظم ڊر??ن ح??لي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔