اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ڪنوينشن سينٽر ۾ عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ”سيرت اسٽيڊيز“ تي ر??سرچ جرنل کي 2017ع جو بهترين تعليمي اشاعت قرار ڏيڻ تي خصوصي ايوارڊ ڏنو آهي. جرنل جي ايڊيٽر ڊاڪٽر معين الدين هاشمي صدر کان انعام وصول ڪيو. ان تقريب ۾ وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي به موجود هو. مذهبي معاملن واري وزارت ”اسلامي ر??است ۾ قومي قيادت جا رهنما اصول: سيرت جي ر??شني ۾“ جي عنوان تي صوبائي ۽ آل پا??ست??ن سطح تي آرٽيڪلز لکڻ جي مقابلن جو انعقاد ڪيو هو. صوبائي سطح تي منعقد مقابلن ۾ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر احمد رضا بهتري?? آرٽيڪلز لکڻ تي پهريون انعام حاصل ڪيو جڏه?? ته ڊاڪٽر عائشه صنوبر ۽ نازيه گوهر خصوصي انعام حاصل ڪيا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا