اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فاٽا جي انضمام کانپوءِ ڏکڻ پنج??ب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو، اڳوڻي حڪومت ۾ جهلم، لوڌران، راجن پور، چڪوال ۽ ٻين ضلعن ۾ مخصوص طريقي سان پئسا خرچ ڪيا ويا جنهن جي ڪري اهي علائقا ان رفتار سان ترقي نه ڪري سگهيا جنهن رفتار سان لاهور ۽ ٻين ضلعن ترقي ڪئي آهي، ايوان ۾ تقريرون ڪرڻ ته آسان آهي پر عملي ڪم ۾ ساٿ نه ٿو ڏنو وڃي، قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ٺاهڻ جي لاءِ اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجو نمائندو نامزد ناه?? ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن فاٽ?? جو انضمام ٿي رهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته اين ايف سي جي شيئرز ۾ فاٽ?? جو حصو رکيو ويندو، جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جوڙڻ جو مرحلو آيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو نمائندو ئي نامزد ناه?? ڪيو.
فاٽا کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ