ڪرتار??ور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتار??ور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتار??ور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتار??ور اچڻ تي ڀل??ڪا?? چيو.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ