اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪ??يش?? ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو س??ال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا س??ال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان ??رضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ??اڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت س??ال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪ??يش?? جي سوالن کان ??ي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چيو ته ميڊيا جي س??ال پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي م??ال?? س??ال پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن چيو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي م??ال?? جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوندو آهي.
عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے