رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪئي اقتصادي زون جي دوري دوران جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفا??تخ??ني جي ناظم الامور، چيني ڪمپني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رشڪئي خصوصي اقتصادي زون تي جاري ڪم جي ح??الي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌ??يو ويو ته رشڪئي اقتصادي زون کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپرائيز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪمپني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪمپني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪمپني ان خصوصي اقتصادي زون جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻ??يو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌ??يو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ ٻن صنعتي ي??نٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي ي??نٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي ي??يني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي ره?? آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي ح??الي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ح??الي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ڪمپني کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪمپنيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خصوصي اقتصادي زون سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر