ڪرا??ي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28180 خاندانن کي راشن بيگس ۽ 11500 متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا ويا آهن. هن ريليف آپريشنز جي حوالي سان تفصيل جاري ڪندي چيو ته دادو ۾ 3518 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا. اهڙي طرح مٽياري ۾ 2244، شهيد بينظيرآباد ۾ 1558، نوشهروفيروز 2503، عمرڪوٽ 1990، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2211، ڪشمور 1700، لا??ڪاڻو 4719، خيرپور ميرس 2827، سانگهڙ 2768 ۽ ميرپورخاص ۾ 2172 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1958925 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن ??قت تائين متاثرن کي 662522 خيما، 545012 پلاسٽڪ ترپال، 3423192 مڇردانيون، 804811 ليٽر منرل واٽر، 199006 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ 126541 متاثر ريليف ڪيمپس مان پنهنجي گهرن ڏانهن ??اپس وڃي چڪا آهن. هن ??قت ڪيمپن ?? 68711 متاثر ترسيل آهن، جنهن ۾ 16575 ٻار ۽ 10874 عورتون شامل آهن. هن چيو ته ريليف ڪيمپن ?? متاثرن کي ٻن وقتن جو کاڌو ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28180 خاندانن کي راشن بيگس ۽ 11500 متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس