اس??ام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اس??ام آب??د هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عام?? فاروق اس??ام آب??د هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني برادري جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جسٽس عام?? فاروق جي چيف جسٽس اس??ام آب??د هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس عام?? فاروق لنڊن يونيورسٽي ??رط??نيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿيو. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جسٽس عام?? فاروق جي اس??ام آب??د هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان مقرري جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ