اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون اد رکيون وين??يو??، شهيدن جي قربانين جي ڪري ا??ان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 23 ڊسمبر تي آئي ٽين، اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل سيد ??دي?? حسنين جي گهرڀاتين ??ان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن 25 ڊسمبر تي ڪوهلو، بلوچستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن ??ان پڻ ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن محمد فهد خان ۽ سپاهي اصغرالدين جي پونئيرن ??ان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي محمد شمعون ۽ لانس نائيڪ محمد امتياز جي وارثن ??ان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن جي خاندانن جي وطن جي لاءِ قرباني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. صدر سمورن شهيدن کي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ياد رکيون وين??يو??، پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي قربانين جي ڪري ا??ان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. صدر پونئيرن ??ان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی