اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئ??. اجلاس ??ي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي ??نگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم ??ي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي تعمير جي تجويز پيش ڪئ??. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي ??تساهڻ جي به مذمت ڪئ?? ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي ??ور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير ايس سي او ??ي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ??. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن ??ي اجلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي ??صو ورتو آهي ۽ ان شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ??يجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ??هي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil