اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي ج?? مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄا??ي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ?? پڄا??ي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ان پڄا??ي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آ??اد??ن جو ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄا??ي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي ج?? شاگرد سيد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.
آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ نمايان پوزيشن رکندڙ شاگردن جو مباحثن کي خطاب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا