اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين اعواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آ??ي. ??ڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور حسين طوري پن اين آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل ??هن. ڪابينا اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پور??يت?? جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري لاءِ قائم اين آءِ آر سي اطلاعات واري وزارت جو ذ??لي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پور??يت?? جي لاءِ هڪ تحفو آهي.
حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز