اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) نيشنل آءِ ٽي سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا سڀاڻ?? خميس ڏينهن جاري ٿيندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سيمينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير شرڪت ڪندا. سيمينار ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا وڏا وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين، آءِ ٽي ماهر، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسر شرڪت ڪندا. نار ملڪن، چين ۽ گڏيل عرب امارات مان انڊسٽري ليڊرز ۽ سفار??ڪا??ن سميت اهم پرڏيهي شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون. سيمينار جو اهتمام خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت ڪيو پيو وڃي. نيشنل آءِ ٽي سيمينار جو مقصد آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل مقصد حا??ل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي گڏ ڪرڻ آهي. سيمينار علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي بي پناهه صلاحيت آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن، بزنس پروسيس ري انجنيئرنگ (بي آ?? پي) ۽ مصنوعي ذهانت جي انضمام جي ذريعي ٻين صنعتن کي پڻ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. سيمينار ۾ آءِ ٽي سيڪٽر تي نئين بجيٽ اثرن، صنعتي منظرنامي، آءِ ٽي روانگي واپار کي مختصر کان وچولي مدي تائين وڌائڻ جي قدمن تي غور ٿيندو. سيمينار ۾ گهربل مهارتن جي ترقي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوششن، ڪاروباري ادارن ۽ اسٽارٽ اپس کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيل سان روشني وڌي ويندي. پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري آ??اني تي ايس آئي ايف سي جي اثرن کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو. سيمينار ۾ پاڪستان جي وڏي آ??ِ ٽي ڪمپنين جي اسٽالز جي نمائش ٿيندي. سيمينار ۾ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، باغ جي عورتن لاءِ پهريون ناليج پارڪ (اي جي اينڊ ڪي)، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسي لينس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن پڻ شامل هوندا.
نيشنل آءِ ٽي سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا خميس تي جاري ٿيندا، وزيراعظم خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف اعزازي مهمان هوندا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ