نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وب??ئي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهر??ي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وب??ئي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسينز جي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وب??ئي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ويڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گ??رج??. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ گ??رج??، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون بچائڻ جي لاءِ لازمي آهي، ان کي دنيا جي ڀل??ئي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گ??رج??. نگران وزيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهر??ي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گ??رج??، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون دوائون بنا فرق تياري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻ??ئي وڃي. هن چيو ته عالمي ۽ علائق??ئي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گ??رج?? ته جيئن مستقبل ۾ وب??ئي مرضن کان بچڻ جي لاءِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.
عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے