اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين ??ون??يل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي وي??. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي ??ون??ن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان ها??ِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني وي??انا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مالديپ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados