اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي وا??ار ۽ ماحولياتي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي ات??اق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??دي?? ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ک?? جمهوريه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ابوظهبي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ڌرين جي ڪانفرنس جي 28 هين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ سندن ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ وا??ار ۽ ماحولياتي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي ات??اق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاران تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب