اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ميمبرن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 مارچ ??ي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. نثار کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگ??ي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستا?? اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ ??ائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ ??ڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ ??ي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي طرفان فيصلا 9 مارچ ??ڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ ??ي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 مارچ ??ي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستا?? اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ