اسلا آباد-01 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اميدوار سردار اياز صادق 199 وٽ کڻي قومي ا??يم??لي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف کائنس ميمبرشپ جو حلف ورتو. قومي ا??يم??لي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، پولنگ جو عمل 11 وڳي کان جمعي جي نماز بعد تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ قومي ا??يم??لي جي سيڪريٽري ٻئي عملي سان پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾ ووٽن جي ڳڻپ ڪئي، ڪل 291 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ووٽ رد ٿيو. سردار اياز صادق 199 ووٽ جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عا??ر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. ڳڻپ کانپوءِ اتحادي پارٽين جي ميمبرن سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون. ان کانپوءِ نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي حريف سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ملڪ عا??ر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق قومي ا??يم??لي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو. هو ان کان اڳ 2013 کان 2018 تائين ??ه قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر رهيو.
مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اميدوار سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن