رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل ??اه??ئين سيڙپڪاري جي فر??غ ۽ سيڙپڪارن کي سه??لت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي واپار واري وزير ماجد القصبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پن موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل ??اه??ئين سيڙپڪاري جي فر??غ ۽ سيڙپڪارن کي سه??لتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پاڪستانين جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. سعودي واپار واري وزير چيو ته ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي واضح هدايتن موجب اسان پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سعودي ڪاروباري ۽ واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال جي دوران ٻن??ي ملڪن جي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ سعودي پاڪستان دوستي جي حوالي سان جذبا وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر