اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چي?? آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چي?? ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آه??. ه?? چي?? ته پارليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آه??. ه?? چي?? ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي حملو ڪري ان جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو ??مهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چي?? ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پ??چا??و ۽ ان سبب چي?? جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چي?? ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آه??. ه?? چي?? ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.
10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پارليامينٽ جو گهيراءُ جمهوريت خلاف سازش هئي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز