اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شر?? سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، م??اش?? ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ و??ري اد??ري پاران ج??ري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگائي جي شر?? سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي م??اش?? ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ناڻي و??ري وزارت جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چ??و ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته م??اش?? ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي، 2018ع ۾ به ناڻي واڌ جي شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ۾ ڏوه??ري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، م??اش?? ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي م??اش?? سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان جي م??اش?? خوشحالي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار، آگسٽ مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں