لنڊن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پ??ڪس??ان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ پ??ڪس??ان ڄاون برطانوي پارليامينٽينرينز سان تفصيلي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. دعوت ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڊپٽي اسپيڪر نصرت غني، ياسمين قريشي (ايم پي)، لارڊ قربان حسين، نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، سعيده وارثي، شائسته گوهر، محمد افضل خان (ايم پي)، نسيم شاهه (ايم پي)، عمران حسين (ايم پي)، طاهر علي (ايم پي)، زبير احمد (ايم پي)، عدنان حسين (ايم پي)، محمد ياسين (ايم پي) ۽ ايوب خان (ايم پي) شرڪت ڪئي. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ نائب وزيراعظم نَون چونڊيل برطانوي پ??ڪس??اني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏني ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پ??ڪس??ان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل اُمنگن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. تازين چونڊن ۾ پ??ڪس??ان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پارليامينٽ جي لاءِ چونڊيا ويا جيڪا برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پ??ڪس??ان ڄاون برطانوي شهرين جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن کي پ??ڪس??ان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪومت دوران پ??ڪس??ان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ ان جو جي-20 ميمبر بڻجڻ جو امڪان هو، دهشتگرديءَ جهڙي لعنت تي پڻ ضابطو آندو ويو هو، پر 2018ع ۾ شروع ٿيل سياسي عدم استحڪام پ??ڪس??ان جي اقتصادي رفتار کي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو هو. جڏهن ته گذريل حڪومت جي تحريڪ طالبان جهڙن انتهاپسند گروهن کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي بحاليءَ جي پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي، دهشتگرديءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻي. هن چيو ته حڪومت ڪنهن به اندروني يا پرڏيهي عنصرن کي جيڪي سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اِرادي سان پ??ڪس??ان جي ت??قي ۽ خوشحاليءَ جي سفر کي راهه تان لاهڻ چاهن ٿا، انهن کي هرگز اها اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪيو آهي انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت پ??ڪس??ان کي اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻوڪي حڪومت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي غير مقبول قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿيا آهن، مهانگائيءَ کي سنگل ڊجٽس تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. معاشي سڌارن لاءِ هر پاسي کان ادارن جي سطح تي حمايت موجود آهي ۽ حڪومت طرفان گذريل سال قائم ڪيل خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پ??ڪس??ان جي توانائي، کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي ڇڪرائي رهي آهي. ڊپٽي وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪومت ڪهڙيءَ طرح پ??ڪس??ان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻه طرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين کي پ??ڪس??ان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ويزا فري پاليسي متعارف ڪرائي آهي. نائب وزيراعظم هندستان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اُٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽرينز جو ٿورو مڃيو.
رياستي ادارن تي حملا ڪندڙ ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪندڙن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے