اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آه??، ته مدرسن جي شاگردن کي جديد علم سان روشناس ڪرڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ اضاف?? ڪرڻ هڪ تمام وڏي قومي خدمت آه??، هن ۾ جيترو به گهڻو حصو وٺبو اهو اوترو ئي گهٽ محسوس ٿيندو، دين سان محبت ۽ ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي سان محبت پنهنجي مرحوم ڏاڏي ۽ اڳوڻي صدر جسٽس (ر) رفيق تارڙ کان حصي ۾ ملي جيڪو مرڻ تائين ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي تي قائم رهيو. نوجوان هن ملڪ جو سرمايو آه??، اسان جو مشن نوجوانن کي تعليم ڏيڻ آه?? ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي قدم کڻي سگهجن ٿا اهي کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جامع دارالعلوم الاسلاميه لاهور ۾ هڪ ڏينهن واري تربيتي ويهڪ کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ته تقريب جي دعوت ڏيڻ تي عالمن سڳورن ۽ مفتي صاحبن جو ٿورائتو آه??ان، اسلام آباد ۾ پارليامينٽ اجلاس سبب ان تقريب ۾ پاڻ حاضر ناهيان ٿي سگهيو، ان ڪري ويڊيو لنڪ ذريعي ئي شرڪت ڪري رهيو آه??ان. جامع دارالعلوم الاسلاميه جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آه??. هن چيو ته منهنجي ڏاڏي مرحوم جو هن اداري سان تمام پراڻو تعلق آه??، منهنجي ڏاڏي مرحوم پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1953ع جي ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جن جي تحريڪ سان ڪئي، هن چيو ته منهنجي ڏاڏي سڄي عمر ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي لاءِ خدمتون انجام ڏنيون، اسان کي دين سان محبت ۽ ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جن جي عقيدي سان محبت وراثت ۾ ملي آه??. هن چيو قاري احمد ميان ٿانوي سان ڏهاڪا پراڻو تعلق آه??، سندس رهنمائي هميشه اسان سان گڏ رهي، دارالعلوم الاسلاميه ۾ تربيتي ويهڪ سٺو سنئوڻ آه??. وفاقي وزير چيو ته مدرسن جي شاگردن کي جديد علم سان روشناس ڪرائڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ اضاف?? ڪرڻ هڪ تمام وڏي قومي خدمت آه??. هن چيو ته دارالعلوم الاسلاميه پنهنجي مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ مختلف شعبن جي حوالي سان ڊگريون به متعارف ڪرايون جنهن تي هو مبارڪن جا مستحق آه??. هڪ وقت اهڙو به ه?? جڏهن دنيا جا سائنسدان ۽ دانشور مسلمان هئا، اسان پنهنجي شاگردن کي مختلف شعبن ۾ ڊگريون ڏينداسين پوءِ هڪ وقت اهڙو به ايندو جو انهن ادارن مان سائنسدان، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نڪرندا. هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ تمام ضروري آه??، مدرسن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي جديد تعليم ڏيڻ تمام وڏو ڪم آه??.
مدرسن جي شاگردن کي جديد علم سان روشناس ڪرڻ ۽ انهن جي تربيت ۾ اضافو ڪرڻ هڪ تمام وڏي قومي خدمت آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria