اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراه?? جي 23هين اجلاس ۾ شريڪ علائقائي اڳواڻن خطي جي صلاحيت ۽ امڪانن خاص طور تي واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۽ گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايس سي او جي حڪومتي سربراه?? جي سالياني اجلاس جي صدارت وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪئي. اجلاس ۾ چي?? جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وز??راعظم لي چيانگ، بيلاروس جي وز??راعظم رومن گولوو چينڪو، قازقستا?? جي وز??راعظم اولزاس بيڪو تينو، روس جي وز??راعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستا?? جي وز??راعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستا?? جي وز??راعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستا?? جي وز??رن واري ڪابينا جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، ايرا?? جي واپار واري وز??ر سيد محمد عطا بيڪ ۽ ڀارت جي پرڏيهي وز??ر سبرامنيم جي شنڪر شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ منگوليا جي وز??راعظم اويون اردين لويسنا مسرايا ۽ ترڪمانستا?? جي نائب وز??راعظم راشد مريدوف پڻ اجلاس ۾ شر??ڪ هئا. چي?? جي وز??راعظم لي چيانگ پنهنجي خطاب ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت گڏيل تعاون ??ي فروغ ۽ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي اسٽريٽجڪ صف بندي کي مضبوط ڪرڻ، وڏن خطرن جو فعال جواب ڏيڻ ۽ گڏيل مٽاسٽا کي وڌائڻ تي زور ڏنو. روس جي وز??راعظم ميخائل مشوستن ايس سي او ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل معاملن ۾ قومي ڪرنسي?? جي استعمال ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سندس ملڪ ايندڙ سال ايس سي او جو اسٽارٽ اپ فورم منعقد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن جدت جي ميدان ۾ بهترين تجرب?? جي مٽاسٽا ڪري سگهجي ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهجن. ازبڪستا?? جي وز??راعظم عبدالله اريپوف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سندس ملڪ ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ تعاو?? جي امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ??رڻ جي عزم تي قائم آهي. هن واپار جي فروغ جي لاءِ قدم?? جي ضرورت تي زور ڏيندي واپاري طريقيڪار کي آسان بڻائن، واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. تاجڪستا?? جي وز??راعظم ڪُهر رسول زاده تعاون ۽ چٽاڀيٽي جي ذريعي امن ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي اهميت تي زور ڏنو. هن صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ترڪمانستا?? جي نائب وز??راعظم راشد مريدوف چيو ته ترڪمانستان واپار، توانائي ۽ رابطاڪاري جي منصوبن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان تعاون ??ي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جي منصوبن جا امڪان تمام وڌيڪ آهن، تنهن ڪري ميمبر ملڪن کي انهن امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ??رڻ گهرجن. ڀارت جي پرڏيهي وز??ر سبرامنيم جي شنڪر پنهنجي خطاب ۾ روس – يوڪرين جنگ، اسرائيل – فلسطين جنگ، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جي اثرن، شديد موسمي حالتن، سپلاءِ چي?? جي غيريقيني صورتحال جهڙن چئلينجز ۽ ايس سي او چارٽر ۾ انهن چئلينجز جي حل تي روشني وڌي. هن چيو ته عالمگيريت سان واپار، سيڙپڪاري، رابطاڪاري، توانائي جي وهڪري ۽ تعاو?? جي ٻين طريقن جهڙا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن جن سان ايس سي او جو خطو فائدو کڻي سگهي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ چيو ته هڪ وڏي علائقائي تنظيم هجڻ جي ناطي ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن ايس سي او سيڪريٽريٽ پاران ميمبر ملڪ?? جي سهولت لاءِ ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته 2025ع کي ”پائيدار ترقي جو سال“ جي طور تي ملهايو ويندو. هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي رابط?? جي امڪانن جو فائدو کڻندي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي حل ڪ??ڻ گهرجي.
ايس سي او جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن پاران خطي جي صلاحيت ۽ امڪانن خاص طور تي واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria