رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي ته مسلم ??رلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجن دوران ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان رياض ۾ مسلم ??رلڊ ليگ جي سيڪر??ٽر?? جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسلم ??رلڊ ليگ پاران سڄي دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تشخص جي فروغ جي لاءِ نمايان ڪم کي ساراهيو. هن تنظيم جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ امت جي اتحادن جي فروغ جي لاءِ سيڪر??ٽر?? جنرل جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مسلم ??رلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مسلم ??رلڊ ليگ جو غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلم دنيا کي درپيش ٻين مختلف چئلينجن دوران ڪردار خاص طور تي اهم آهي. وزيراعظم سيڪر??ٽر?? جنرل جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو مختلف منصوبن ۽ قدمن جي جلد تڪميل جا منتظر آهن جن جي ٻنهي پاران منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته اهو عظيم الشان منصوبو حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي مختلف رخن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثا??ت ٿيندو. هن چيو ته انهن منصوبن جي ذريعي مسلم ??رلڊ ليگ نوجوان نسل جو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي ۽ جديد ترين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي اسلام جي لازوال پيغام کي ڦهلائي رهي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سيڪر??ٽر?? جنرل جي پاڪستان جي ايندڙ دوري ۾ جاري منصوبن جي رفتار ۽ تيزي سان عملدرآمد کي اڳتي وڌايو ويندو. مسلم ??رلڊ ليگ جي سيڪر??ٽر?? جنرل پاڪستان ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن سعودي عرب جي تازي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.
مسلم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجن دوران ڪردار اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار